سڪندري محمد يوسف ڀنڀرو

سڪندري محمد يوسف ڀنڀرو

محمد يوسف سڪندري ڀنڀرو

محمد يوسف سڪندري ڀنڀرو: ليکڪ، متـرجم ۽ استاد حافظ محمد يوسف سڪندري ولد حُر مجاهد فقير امام بخش ڀنڀرو، ڳوٺ ٽيڀري ڀنڀرا، نزد ڇور اسٽيشن، ضلعي عمرڪوٽ ۾، 15 فبروري 1979ع تي ڄائو. مڊل تائين تعليم ٽيڀري ۽ هاءِ اسڪول ڇور مان حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ مدرسه صبغة الهدى شاهپور چاڪر مان هن حفظ القرآن سان گڏ درس نظاميءَ جو عربي ڪورس پورو ڪري جامعه راشديه درگاهه پير جو ڳوٺ مان دستار فضيلت حاصل ڪئي ۽ سڪندري عالمن جي تنظـيـم جمعيـت علـمـاءِ سڪندريه پاڪستان جو تاحيات ميمبر بڻيـو. اتان ئي سندس لکڻ ۽ تحقيق جو سلسلو شروع ٿيو. تعليم دوران هن مشرقي علوم ۾ بورڊ جا لاڳيتو ٽي سال امتحان ڏئي مولوي عربي، عالم ۽ فاضل عربيءَ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري سلور ميڊل، گورنر اوارڊ، سرٽيفڪيٽ آف ميرٽ ۽ ٻيا اعزاز ماڻيا. حـافـظ محـمـد يـوسـف سڪنـدريءَ جـا سنڌيءَ ۾ هڪ سؤ کان وڌيڪ تحقيقي مقالا ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن. ليکڪ ۽ مترجـم جي حيثيت ۾ هن جا هيٺيان ڪتاب جهڙوڪ: (1) ’آداب الـمريديـن، (2) تحفة المرشدين، (3) صراط الطالبين، (4) سورهيه چيو سچ، (5) جن سان'>جنم گذاريم جن سان، (6) تنبيهه الفقرا ۽ (7) ڊاڪٽر بلوچ بابت تعزيتي تاثرات‘ ڇپجي چڪا آهن، جڏهن ته سندس ڪتاب ديوان پرڀداس آڏواڻيءَ جي سوانح ۽ خدمتون، صادق فقير ڀنڀري جو ڪلام، حـيـات راشــد، مثنـوي راشـدنامه، پاڳاره خـاندان جي مختصـر تاريخ، افـاضـات سـڪـندري، سفـرنامـو ايـران ۽ عراق، ويـو وڻجـارو اوهـري ۽ حُر انسائيڪلوپيڊيا ڇپائيءَ جي انتظار ۾ آهن. حافظ محمد يوسف ڀنڀرو، 2009ع کان ڊاڪٽر اين. اي. بلوچ ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس، حيدرآباد ۾ اسلاميات جو ليڪچرر آهي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو بورڊ آف لئنگئيجز ۽ سورهيه بادشاهه چيئر جو ميمبر ۽ هن وقت قادري سلسلي جي مشهور بزرگ پير سائين سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحمة الله عليه جي ملفوظات شريف (مجمع الفيوضات) تي پي.ايڇ.ڊي لاءِ مقالو پڻ لکي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1979.02.15  عيسوي

ليکڪ، متـرجم ۽ استاد حافظ محمد يوسف سڪندري ولد حُر مجاهد فقير امام بخش ڀنڀرو، ڳوٺ ٽيڀري ڀنڀرا، نزد ڇور اسٽيشن، ضلعي عمرڪوٽ ۾، 15 فبروري 1979ع تي ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد محمد اختر حڪيم
زهراوي ابوالقاسم
ادا قاضي
استاد نظاماڻي
شاهنواز خان فيروزجنگ خطاب
ٻڍل شاهه بخاري
اخلاق انصاري
ٽائن بي ٽوائن بي آرنولڊ
پيرل فقير ڦلپوٽو
صادق حسين قريشي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون